شرف صديقي

شرف صديقي: اردو شاعر ۽ صحافي شرف صديقيءَ جو اصل نالو محمود الحسن شيخ آهي. هن تعلقي فريدپور، سي. پي انڊيا ۾1942ع ۾ جنم ورتو. پاڪستان ٺهڻ بعد والدين سان گڏ پشاور پهتو. جتان مئٽرڪ 1962ع ۾ پاس ڪري مختلف شهرن ۾ رهائش ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو، جتي پهرين پي. وي اسڪول ۾ پرائمري استاد ۽ بعد ۾ پائلٽ اسڪول (اڳوڻي گورنمنٽ هاءِ اسڪول) ۾ استاد مقرر ٿيو. هي 1992ع ۾ نوڪري تان رٽائر ٿيو، پر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به استاد جي پيشي سان ناتو جوڙيو اچي. مختلف اسڪولن ۾ پرائيويٽ استاد طور پڙهائيندو رهي ٿو. ان سان گڏوگڏ ادبي تنظيمن ۽ صحافت سان پڻ وابسته آهي. پاڻ انجمن ترقي اردو شاخ لاڙڪاڻي جي ناظم الامور سان گڏ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. پاڻ بنيادي طور غزل جو شاعر آهي. سندس شعري مجموعو ‘گفتار’ جي نالي سان 1982ع ۾ لاڙڪاڻي مان شايع ٿيو آهي. ان کانسواءِ سندس ٻيو شعري مجموعو ‘اداس راتون ڪا چاند’ ۽ هڪ ترتيب ڏنل ڪتاب ‘جمال الدين بخاري حيات و خدمات’ ڇپائيءَ جي مرحلي۾ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو